شيرين فيروز نانا

شيرين فيروز نانا

شيرين فيروز نانا

شيرين فيروز نانا: سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامياري اديب شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جي پوٽي ۽ نادر بيگ مرزا جي ڌيءَ شيرين فيروز جو جنم، 10 سيپٽمبر 1915ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. مرزا قليچ بيگ سندس ٻانگ جو نالو ‘شيرين بيگم’ تجويز ڪيو. جڏهن ته پيار مان کيس ‘بيبي’ ۽ پوءِ ‘ادي بيبي’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. هن، جنهن ماحول ۾ پرورش پاتي، ان ۾ کيس، هڪ پاسي وڪٽوريئن دور، ٻئي پاسي مالي آسودگي، گهر ۾ سنڌي انگريزي ۽ فارسي ٻولين سان واهپو ۽ جديد طرزِ زندگي حاصل رهي. هن درسي تعليم ڪنهن اسڪول يا مڪتب مان حاصل ڪرڻ بجاءِ پنهنجي پيءُ نادر بيگ مرزا ۽ پنهنجي مڙس فيروز نانا کان ورتي. تعليم کان علاوه اعليٰ قسم جي هٿ جي هنر جي سکيا کيس ماءُ، پڦين ۽ ماسين کان ورثي ۾ ملي. کيس روايتي زيورن ۽ ڪتابن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي ۽ ٻين ٻولين سکڻ جو پڻ شوق هوس، فارسي، سنڌي ۽ انگريزي ٻولين سان کيس اڳواٽ واقفيت هئي، پر فرينچ، اطالوي، جرمن ۽ ترڪي ٻوليون هن پنهنجي شوق سان سکيون. ان کان سواءِ پنهنجي جارجين ڏاڏن پڙڏاڏن جي روسي ٻوليءَ جي صورتخطيءَ تي به نهايت دلچسپيءَ سان مشق ڪيائين.هن کي جتي سهڻو ۽ سيبتو انگريزي نثر لکڻ تي دسترس حاصل هئي، اتي هن جي ٺاهيل هٿ جي هنر ۽ ڀرت جو به ڪو جواب نه هو. ان جو ثبوت سندس لکيل ڪتاب ‘سنڌي ايمبرائڊري’ آهي، جيڪو ثقافت کاتي پاران ڇپرايل آهي.
سندس شادي 1933ع ڌاري سنڌ جي مشهور شخصيت ۽ تعليمدان غلام علي نانا جي فرزند جسٽس فيروز نانا سان ٿي، جنهن بعد مڙس جي نسبت سان شيرين فيروز نانا سڏائڻ لڳي. سندس مڙس واندڪائي واري وقت ۾ سنڌ جي مشاهيرن، تهذيب ۽ آرڪائيوز جو مطالعو ڪندو هو ته پاڻ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ رهندڙ سگهڙ عورتن سان روايتي انداز واريون محفلون سجائڻ ۾ مشغول رهندي هئي. سندس مڙس سول جج جي عهدي تان ترقي ڪندي سيشن جج، جسٽس ۽ پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سربراهه جي حيثيت ۾ اهم عهدا ماڻيا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پنهنجا فرائض انجام ڏنائين. جنهن سبب شيرين فيروز نانا ڳوٺاڻي زندگي ۽ عورتن سان وڌ ۾ وڌ منسلڪ ٿيندي وئي.
سندس ٻيو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ‘ليٽرس ٽو ايملي’ پڻ شايع ٿيل آهي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي گهراڻي سان تعلق رکندڙ هن ليکڪا جي وفات 3 جنوري 1996ع تي، 80 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي، کيس، سندس آخري وصيت موجب بلند شاهه قبرستان، ٽنڊي ٺوڙهي، حيدرآباد ۾ دفن ڪيو ويو. سندس نياڻي پروفيسر انيتا غلام علي گهڻو وقت سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سربراهه رهي، تازو وفات ڪري وئي آهي.


لفظ شيرين فيروز ناناھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.09.10  عيسوي

شيرين فيروز جو جنم، 10 سيپٽمبر 1915ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو.


1996.01.03  عيسوي

شيرين فيروز نانا جي وفات 3 جنوري 1996ع تي، 80 سالن جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اي جي اتم
مرتضيٰ سيال
شبير احمد مخدوم
خواجه ذوالفقار
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
سحر انصاري
پنهل ڏهر
عبدالرشيد گبول
پروين موسيٰ ميمڻ
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون